PrintClose

اسلام آباد (م ڊ) نين تڪبندين جي حوالي سان بل واري معاملي تي پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ بيڪ ڊور ڊپلوميسي ڪامياب ٿي وئي آهي، پيپلزپارٽي سينيٽ ۾ بل جي منظوري تي مشروط راضپو ظاهر ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽ موجب پ پ تڪبندين جي حوالي سان آئيني ترميم بل تي مشروط آمادگي ظاهر ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ بل اڄ سينيٽ مان منظور ڪرايو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ وقت تي چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي شرطن تي تڪبندين جي آئيني ترميم تي آمادگي ظاهر ڪئي آهي، ذريعن موجب پ پ پنهنجي شرطن ۾ چيو آهي ته بل تحت نيون تڪبنديون صرف ايندڙ هڪ اليڪشن تي لاڳو ٿينديون، بل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سفارشن تي اثرانداز نه ٿيندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته التوا جو شڪار بڻيل بل سينيٽ جي اڄوڪي اجلاس ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ اهو پڻ شرط رکيو آهي ته آئيني بل اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي وسيلن جي ورهاست تي اثرانداز نه ٿيندو، ذريعن جو چوڻ آهي آدمشماري جي حتمي رپورٽ اپريل ۾ اچڻ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ تڪبندين واري بل جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو،