PrintClose

ڪراچي: نوجوان نقيب الله محسود جي قتل واري ڪيس ۾ ملير جي هٽايل ايس ايس پي رائو انوار کي ٽيم سميت گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽن ايس پيز سميت 16 آفيسرن کي سندن عهدن تان هٽايو ويو آهي، مليل ڄاڻ موجب ڊي آءِ جي ايسٽ جي آفيس ۾ جاچ ڪاميٽيءَ جي سربراهه ثناءَ الله عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ جاچ ڪاميٽي سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ نقيب الله  محسود قتل ڪيس جي جاچ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رائو انوار کي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس پارٽي سميت گرفتار ڪيو ويندو. اجلاس ۾ رائو انوار جي ويجهو سمجهيو ويندڙ ملير ضلعي جي سمورن ايس ايڇ اوز کي پڻ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻئي پاسي شاهه لطيف ٽائون ۾ ڪوڙو مقابلو ڪري نوجوان نقيب الله محسود کي قتل ڪندڙ سموري پوليس پارٽيءَ کي معطل ڪيو ويو آهي. 16 پوليس اهلڪارن کي هٽايو ويو آهي، هٽايل آفيسرن ۾ 3 ايس پي، 2 ڊي ايس پي ۽ 11 ايس ايڇ او شامل آهن، جن ۾ ايس پي ڊاڪٽر نجيب الله، افتخار لوڌي ۽ سيف الله شامل آهن، ٻئي پاسي شبير بلوچ کي ايس پي ملير مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کي گڏاپ جي به اضافي چارج ڏني وئي آهي، ايس ايس پي ملير عديل چانڊيو مقرر ٿيل سمورن پوليس آفيسرن کي فوري چارج وٺي ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، هوڏانهن پوليس ترجمان موجب وقتي ڪراچي پوليس چيف آفتاب پٺاڻ شاهه لطيف ٽائون ۾ ڪوڙو مقابلو ڪندڙ سموري پوليس پارٽي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. معطل ٿيل اهلڪارن ۾ اڳوڻو ايس ايڇ او امان الله مروت به شامل آهي. ٻين اهلڪارن ۾ اي ايس آءِ فدا حسين، هيڊ ڪانسٽيبل صداقت شاهه، هيڊ ڪانسٽيبل محسن عباس، ڪانسٽيبل راجا شميم مختار ۽ ڪانسٽيبل رانا رياض احمد شامل آهن.هوڏانهن ملير ضلعي جي ٿاڻن تان 11 ايس ايڇ اوز کي هٽائڻ کانپوءِ انهن ٿاڻن تي نوان ايس ايڇ اوز مقرر ڪيا ويا آهن، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب سهيل خان سائيٽ سپر هاءِ وي، جهانگير ابراهيم حيدري، جاويد جلباڻي سکن، اختر شاهه سهراب ڳوٺ، محمد خان خاصخيلي پي ايس ملير سٽي، محمد زبير ٿاڻو ملير ڪينٽ، احمد شيخ اسٽيل ٽائون، شعور خان ايس ايڇ او گڏاپ، هاشم خان پي ايس مبينا ٽائون، عبدالغفار پي ايس شاهه لطيف ٽائون ۽ وحيد اعواڻ ميمڻ ڳوٺ جو ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي.