PrintClose

بغداد (آن لائن) داعش جي سربراهه ابوبڪر بغدادي جي مارجڻ جي تصديق جي صورت ۾ صدام دور جي ٻن عراقي فوجي آفيسرن مان ڪنهن هڪ کي ان جو جانشين ڪرڻ جا امڪان آهن، ميڊيا رپورٽ موجب دهشتگرد گروپن جي حوالي سان واضح طور تي داعش جو ٿيندڙ سربراهه ايا العبيدي ۽ ايادالجماعيلي ابوبڪر البغدادي جي جانشين طور چونڊجي سگهن ٿا، عبيدي جيڪو 50 سال جو ٿي ويو آهي، جنگي وزير جي طور تي خدمت سرانجام ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته جماعيلي گروپ جي امنيا سيڪيورٽي اداري جي سربراهه آهي، عراقي سرڪاري ميڊيا چيو آهي ته جماعيلي مارجي ويو آهي پر ان جي تصديق نه ٿي سگهي هئي.