PrintClose

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي. جنهن بعد رينجرز پڻ ڳجھن اطلاعن تي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. گذريل ڏينهن رينجرز شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 8 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو، رينجرز ترجمان پاران جاري ڪيل پنهنجي پڌرائي موجب ته مختلف علائقن ۾ ريجرز جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي هٿياربند ونگ ۽ لياري ونگ جي ڏوهارين ۽ منشيات فروشن سميت 8 خطرناڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب گرفتار ڪيل ڏوهارين جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن جي عسڪري ونگ سان آهي، جڏهن ته چاڪيواڙا مان لياري گينگ وار جو هڪ ڏوهاري به گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن رينجرز اهلڪارن مومن آباد مان 5 ڦورن کي گرفتار ڪيو آهي، گرفتار ڪيل ڏوهارين جي قبضي مان هٿيار ۽ منشيات به ملي آهي.