PrintClose

شيخوپوره (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اقتدار ۾ اچي اڳوڻي نيب چيئرمين قمر الزمان چوڌري کي نه ڇڏينداسين، قمر الزمان چوڌري ڪرپشن ۾ نواز شريف جي مدد ڪئي شيخوپوره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو آهي ته سڄي قوم جي نگاهه حديبيه ڪيس ۽ نيب چيئرمين تي لڳل آهي، جڏهن ته حديبيه ڪيس ۾ سمورو شريف خاندان ڦاسي پوندو، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته ختم نبوت صه جي معاملي تي ماڻهو رستن تي نڪتل آهن، هن چيو ته قوم نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ڏانهن ڏسي رهي آهي، گذريل چيئرمين قمر الزمان چوڌري قوم جو مجرم آهي، موقعو مليو ته قمر الزمان چوڌري کي نه ڇڏينداسين، هو وڏن ڌاڙيلن جي چوري لڪائي رهيو هو، جڏهن ته قمر الزمان چوڌري دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هليو وڃي، ان کي پڪڙي واپس آڻي جيل ۾ وجهنداسين، عمران خان چيو ته منهنجي سياست ۾ اچڻ تي انهن ماڻهن منهنجي خلاف ڀرپور مهم هلائي ۽ يهودي ايجنٽ جا الزام لڳايا، جڏهن ته اڄ خواجا آصف مسلم ليگ (ن) کي لبرل ۽ پي ٽي آءِ جماعت جو حامي چوي ٿو، عمران خان چيو ته هڪ وقت هو جڏهن سموري خطي لاءِ پاڪستان هڪ مثال هو، حڪمرانن جي پرڏيهه ۾ عزت ٿيندي هئي پر اڄ ڪيترائي ملڪ ترقي ۾ پاڪستان کان اڳتي نڪري چڪا آهن، هن چيو ته مني لانڊرنگ ذريعي ملڪ مان پئسو ٻاهر اماڻيو ويو، نواز شريف صرف پئسا ٺاهڻ لاءِ اقتدار ۾ آيو آهي، ان پئسو ٺاهيو ۽ امير ٿي ويو پر عوام غريب تر ٿي ويو، جيستائين حڪمران پنهنجي ذات کي فائدو پهچائڻ بند نه ڪندا، ملڪ ٺيڪ نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته نجم سيٺي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جو عهدو چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪرائڻ لاءِ مليو، نجم سيٺي جي ڪري قومي انڊر 19 ٽيم افغانستان کان هارائي وئي.