PrintClose

اسلام آباد (آن لائن) ناليواري ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر اشفاق احمد کي سرڪاري ۽ فوجي اعزاز سان اسلام آباد جي ايڇ اليون قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جنازي جي نماز ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تفصيل موجب آچر جي ڏينهن نالي واري جوهري سائنسدان ڊاڪٽر اشفاق احمد جي اسلام آباد جي ايڇ اليون قبرستان ۾ جنازي جي نماز ادا ڪي وئي جنازي جي نماز ۾ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل زبير محمود حيات ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن سرتاج عزيز سينيٽر فرحت الله بابر سميت اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين شرڪت ڪئي، جڏهن سائنسدان وڪيلن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڊاڪٽر اشفاق احمد سرڪاري ۽ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان جي ائٽمي صلاحيتن جي ترقي ۾ مرحوم ڊاڪٽر اشفاق احمد جي اهم ڪردار تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي، جنهن ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو، هن چيو ته بي لوث خدمت تي هر پاڪستاني ڊاڪٽر اشفاق احمد جو ٿورائتو آهي، وزيراعظم ڏکويل خاندان جي لاءِ دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم انهن جي ڏک ۾ شريڪ آهي، ٻئي طرف ڊاڪٽر اشفاق احمد جي تدفين کانپوءِ سندس قبر تي وزيراعظم پاران گلن جي چادر چاڙهي وئي.