PrintClose

ڪراچي (اسٽاف رپوٽر) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪري بحرانن مان نڪري سگهجي ٿو، جمهوري استحڪام ذريعي ئي قومي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي جي دوري دوران ملڪ جي 70 هين سالگرهه جي حوالي سان مزار قائد تي پهچي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان بعد صدر قائد اعظم جي مزار جي احاطي ۾ ٻوٽو پوکي وڻ پوکڻ جي مهم جو افتتاح ڪيو، صدر ممنون حسين وڌيڪ چيو ته ملڪ جي 70 هين سالگرهه تي قائد اعظم جي مزار تي حاضري جي سعادت حاصل ڪئي آهي، باني جي تعليم ۽ سياسي راهه روشني واري راهه آهي.هن چيو ته  ملڪ ۾ آئين ۽ قانون تي عمل سان سياسي ڇڙواڳي جا دروازا بند ڪري سگهجن ٿا ۽ جمهوريت جي استحڪام ۾ ئي ملڪ جي ترقي آهي.