PrintClose

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ايس ايس پي آپريشنز کي موڪلي ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن توهين عدالت ڪيس ۾ لاڳيتو پيش نه ٿيڻ تي عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، وارنٽ جي ڪاپي ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد کي به اماڻي ڇڏي آهي، وارنٽ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان عوامي نمائندگي ايڪٽ تحت اليڪشن ڪميشن جي توهين جو ذميوار آهي، ان ڪري کيس 26 آڪٽوبر تي گرفتار ڪري صبح 10 وڳي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪيو وڃي، عمران خان گرفتاري وارنٽ تي 2 ايڊريسون آهن، پهرين ايڊريس عمران خان جي رهائشگاهه بني گالا ۽ ٻي پي ٽي آءِ مرڪزي سيڪريٽري آهي، ٻئي طرف اسلام آباد جي دهشتگردي روڪ جي خاص عدالت ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تشدد ۽ پي ٽي وي حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت نمبر 2 جي جج شاهه رخ ارجمند عمران خان ۽ طاهر القادري جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ حڪم ڏنو ته جوابدار جڏهن ۽ جتي ملن کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت پوليس کي جوابدارن جي ملڪيت جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ملڪيت جا تفصيل پيش ڪيا وڃن ته جيئن ملڪيت جي نيلامي جو عمل شروع ڪيو وڃي، جڏهن ته عدالتي حڪم باوجود پوليس عمران خان ۽ طاهر القادري جي لاهور ۽ ميانوالي جي ملڪيتن جو رڪارڊ پيش نه ڪيو، عدالت چيو ته ٻنهي جي ملڪيتن جا تفصيل ملڻ کانپوءِ ملڪيتون نيلام ڪيون وينديون.