PrintClose

اسلام آباد (م ڊ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوئٽريش پاراچنار ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي، انٽونيو گوئٽريش جي ترجمان پاران جاري ٿيندڙ بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي شهر ڪوئيٽا ۽ پاراچنار ۾ بم ڌماڪن جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي، سيڪريٽري جنرل ٻنهي ڪاررواين ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان گهري افسوس ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي آهي، هن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو پڻ اظهار ڪيو، آمريڪا پاڪستان ۾ دهشتگردي جي تازين ڪاررواين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم جاري رکيو ويندو، آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان ڇنڇر تي جاري بيان ۾ پاڪستان جي شهر ڪوئيٽا ۽ پارا چنار ۾ جمعي تي ٿيل دهشتگردي جي ڪاررواين جي مذمت ڪئي وئي آهي، بيان ۾ ٻنهي ڌماڪن ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي پونيئرن سان گهري ڏک، افسوس ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي وئي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان ۽ خطي جي پنهنجن ٻين شراڪت دار ملڪن سان گڏجي ڪم جاري رکندو، آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي عوام سان گڏ آهي، چين پاراچنار ۽ ڪوئيٽا ۾ دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪندي ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي آهي ته چين دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ملڪي استحڪام ۽ عوام جي تحفظ جي لاءِ ڪوششن ۾ سدائين پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن چيني پرڏيهي وزارت جي عورت ترجمان گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۽ پاراچنار ۾ دهشتگرد حملن بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته چين هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ملڪي استحڪام ۽ عوام جي تحفظ جي لاءِ ڪوششن ۾ سدائين پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو. ترجمان دهشتگرد حملن ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته چين کي دهشتگرد حملن سان دلي صدمو پهتو آهي. هن حملن ۾ شهيدن جي پونئيرن سان پڻ دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي.