PrintClose

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو ساٿي عطاءُ الله شاهه مارجي ويو. عطاءُ الله شاهه جامعه مسجد عائشه صديقه مان نماز پڙهي نڪري رهيو هو ته اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب هو موقعي تي فوت ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو. پوليس لاش کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.