PrintClose

ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا جي پيٽرول پمپ مالڪن ڪوئيٽا ۾ احتجاج طور پيٽرول پمپ بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب شهرين کي پيٽرول ۽ ڊيزل حاصل ڪرڻ ۾ مشڪل پيش آئي، جڏهن ته آل پاڪستان ٽينڪر اونر ايسوسيئيشن جي مرڪزي وائيس چيئرمين مير شمس شاهواڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 21 آگسٽ کان آئل ٽينڪرز طرفان ملڪگير هڙتال ٿيندي، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ پيٽرول پمپ مالڪن 19 آگسٽ کان پيٽرول پمپ بند ڪري ڇڏيا. عوامي حلقن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي اپيل ڪئي ته جيڪي پيٽرول پمپ مالڪ يا آئل ٽينڪر هڙتال ڪندا انهن جا لائسنس رد ڪري نون ماڻهن کي لائسنس جاري ڪيا وڃن ته جيئن روز روز جي هڙتال مان عوام کي ڇوٽڪارو ملي سگهي، پيٽرول مصنوعات نه هئڻ سبب جتي هڪ پاسي ايمبولينس سروسز کي مشڪل پيش آئي ته ٻئي طرف رڪشا ڊرائيورن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا، جنهن سبب عوام کي مالي ۽ ذهني پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.