PrintClose

ميهڙ/ڪراچي (نمائندن وٽان) ميهڙ ۾ يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيي ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس جا جوابدار 5 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا، جاچ ايس ايس پي پير محمد شاهه حوالي ٿيڻ باوجود ڪا به اڳڀرائي نه ٿي، مقتولن جي وارثن پاران 48 ڪلاڪن جي ڏنل مهلت ختم ٿي وئي آهي، وارثن انصاف ملڻ تائين روزانو جي بنياد تي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف مقتول مختيار احمد چانڊيو جي فرزند نئون تمندار صدا حسين چانڊيي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس هينئر تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي، جوابدار پنهنجا علائقا خالي ڪري ويا آهن، هن چيو ته اسان جي ڪيس ۾ ايس ايس پي دادو قمر رضا جسڪاڻي يا ايس ايس پي ثناءُالله عباسي کي جاچ لاءِ آفيسر مقرر ڪيو وڃي ۽ جوابدار گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي طرف مقتول جي وارثن سان ايم پي اي فقيرداد کوسو، سردار غلام مصطفيٰ خاصخيلي، اڪبر شاهه راشدي تعزيت ڪئي، جڏهن ته آمريڪا مان فون تي اڳوڻي صوبائي وزير مير نادر خان مگسي تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو، واقعي خلاف چانڊيا برادري، شيعه علماءَ ڪائونسل، نوجوان شهري اتحاد، ميمڻ اتحاد جي اڳواڻن مهراڻ چانڊيو، مولوي مجاهد حسين چانڊيو، اويس ميمڻ، عباس جويو، صابر جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احمد علي ڪالوني کان ميهڙ پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي هنن ڳالهائيندي چيو ته 5 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس انتظاميا اسان جي قتل ٿيل بهادر ماڻهن رئيس ڪرم الله چانڊيي، رئيس مختيار چانڊيي ۽ قابل چانڊيي جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي، هنن چيو ته اسان جو ڪيس ايس ايس پي پير محمد شاهه کان واپس وٺي ڪنهن نيوٽرل ايماندار آفيسر کي مقرر ڪيو وڃي يا ڪيس ايس ايس پي دادو قمر رضا جسڪاڻي ڏانهن واپس ٽرانسفر ڪيو وڃي، ٻين تي اسان جو اعتماد نه آهي، هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته اهو هن واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، هنن آءِ جي سنڌ کي به اپيل ڪئي ته هو ڪنهن ايماندار آفيسر کي مقرر ڪري اسان سان انصاف ڪري، ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو، جڏهن ته لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ محمد خان چانڊيو جي رهواسين طرفان ميهڙ واسي ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن علي حيدر، غلام شبير، ضمير چانڊيي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻئي طرف جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر، ڊاڪٽر غلام سرور خُشڪ، ايڊووڪيٽ ڪيهر انصاري، قاري گهانگهرو، مومن سمون، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ميهڙ ۾ يو سي چيئرمين ڪرم چانڊيي ۽ سندس ٻن پٽن مختيار چانڊيو ۽ قابل چانڊيو جي قتل وارو واقعو کليل دهشتگردي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته پوليس ۾ سياسي مداخلت سبب پوليس کي وڏيرا پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ميهڙ جي واقعي جهڙا واقعا ٿي رهيا آهن، هنن چيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي.