PrintClose

سکر: سنڌ حڪومت جي خاص هدايت تي هر سال جيان هن سال به سکر بئراج مان نڪرندڙ 7 ئي ڪئنالن جي صفائي وارو ڪم 15 ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ بعد بئراج جا دروازا بند ڪري ڪئنالن جا دروازا کولي پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو، مليل ڄاڻ موجب ايريگيشن کاتي جي عملي هر سال 6 جنوري جي رات جو سکر بئراج جا 56 دروازا کولي سمورو پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏڻ بعد بئراج جي رائيٽ ۽ ليفٽ پاڪيٽن مان نڪرندڙ 7 ئي ڪئنالن رائيس ڪئنال، دادو ڪئنال، کيرٿر ڪئنال، نارا ڪئنال، روهڙي ڪئنال، خيرپور ايسٽ ڪئنال، خيرپور ويسٽ ڪئنال جا گيٽ بند ڪري ڀل صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويو، گهربل 15 ڏينهن جي ٽارگيٽ دوران ڪئنالن مان مٽي ڪڍڻ، فرش جي صفائي ڪرڻ، فلٽر بلاڪ کي چيڪ ڪرڻ، 7 ئي ڪئنالن جي ڪپرن جي پچنگ ڪرائڻ سان گڏوگڏ بئراج جي 56 دروازن جي آئلنگ، گريسنگ، لئي پچنگ، اسٽون پچنگ جي ريپئر، ارٿ ورڪ ۽ رولر جي چيڪنگ جو ڪم پڻ جاري رکيو ويو، ڀل صفائي وارو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد ايريگيشن کاتي جي سب ڊويزنن طرفان بئراج ڪنٽرول روم ۽ ايريگيشن سکر بئراج کي رپورٽ ڏني وئي ته سمورن ڪئنالن جي صفائي، پچنگ ۽ فلٽر بلاڪ کي صاف ڪرڻ وارو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد بئراج جا دروازابند ڪري اپ اسٽريم مان ڪئنالن کي پاڻي جي سپلائي ڏني وئي.