PrintClose

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻن ڊاڪٽر عارف علوي، حليم عادل شيخ ۽ ٻين چيو آهي ته جانبدار شخص جو هجڻ ايوان جي توهين آهي، اسپيڪر غير جانبدار ناهي رهيو، فوري استعيفي ڏي، اياز صادق قومي اسيمبلي بدران ن ليگ جو اسپيڪر بڻيل آهي. ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر ايم اين اي ڊاڪٽر عارف علوي ، حليم عادل شيخ، جمال صديقي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسپيڪر پاران جسٽس آصف سعيد کوسا خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ واري معاملي جي مذمت ڪيون ٿا، اسپيڪر اهڙي جانبدار رويي تي فوري استعيفي ڏي، اياز صادق اسيمبلي جو اسپيڪر گهٽ ۽ ن ليگ جو اسپيڪر گهڻو لڳي رهيو آهي، ن ليگ هاڻي ادارن سان وڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ن ليگ تحريڪ انصاف تي الزام لڳائيندي آئي آهي ته اسان ادارن کي ڪمزور ڪيو پر اڄوڪي ان عمل سان سڀني کي خبر پئجي وئي ته ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي پٺيان ڪنهن جا هٿ آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان 25 آگسٽ تي سکر اچي رهيو آهي ۽ هو جلسي کي خطاب ڪندو.