PrintClose

شيخوپوره/لاهور (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد دعويٰ ڪئي آهي ته شيخوپوره جو شهر منهنجي نالي تي ٺهيو آهي، 30 مارچ تائين چورن جي سياست ختم ٿي ويندي، هن اهڙو اظهار شيخوپوره ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ خطاب ڪندي ڪيو، هن دعويٰ ڪئي ته مان پير، فقير آهيان، نواز شريف وڃي رهيو آهي ۽ منهنجي مولا کي منظور ٿيو ته عمران خان اچي ويندو، شيخ رشيد اعلان ڪيو ته 11 ڊسمبر کان 30 مارچ تائين چورن ۽ ڌاڙيلن جي سياست کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏينداسين، غريب پنهنجا گڙدا کپائي رهيا آهن ۽ حڪمران الله تعاليٰ جي پڪڙ ۾ اچي چڪا آهن، 70 ورهين کان ملڪ ۾ دوکو ٿي رهيو هو، حڪمران پنهنجي ٻارن کي ورهائيندا ۽ غريبن کي ڇنڊ پٽيندا آهن، نيب چيئرمين چئني صوبائي راڄڌانين ۾ ئي اسپتالون ٺهرائي، ڇاڪاڻ ته اهي حڪمران ملڪ مان ڀڄي ويندا آهن، هن چيو ته مائرون رستن تي ٻارن کي جنم ڏئي رهيو آهين، غربت جي ڪري عورتون ٻارن سميت شاخن ۾ ٽپا ڏئي رهيون آهن، ملڪ ۾ روزگار ناهي، نواز شريف جا ٻار 16 سالن جي عمر ۾ ڪروڙين رپين جا مالڪ بڻجي وڃن ٿا، هن عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته تيار ٿي وڃو، گهه سڌي آڱر سان نه نڪري ته ٽيڙي آڱر سان ڪڍي وٺندؤ؟ شيخ رشيد چيو ته ڇا ڌاڙيلن مني لانڊرنگ ڪندڙن کي ملڪ مان ڀڄائي ڏيکاريندؤ؟ شيخ رشيد چيو ته طاهر القادري ظلم خلاف اڌ جنگ کٽي ورتي آهي ۽ سموريون پارٽيون ماڊل ٽائون ۾ معصوم ماڻهن جي قتل عام تي قادري سان گڏ بيٺل آهن، 30 مارچ کان اڳ حڪومت ڪڪ آئوٽ ٿي ويندي، شيخ رشيد چيو ته پاناما، نااهلي ۽ ايل اين جي ڪيسز شريف خاندان خلاف کلي چڪا آهن، شريف خاندان شرافت سان سرينڊر نه ڪندا، هن چيو ته نواز شريف ناموس رسالت قانون ۾ تبديلي عالمي طاقتن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪئي پر اهو پاڻ سندس ڳلي جي هڏي بڻجي ويو، هاڻي ڪا به طاقت شريف خاندان کي بچائي نٿي سگهي، هن چيو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله کي ماڊل ٽائون سانحي جي مڪمل جاچ تائين هٽايو وڃي.