PrintClose

ڪراچي/ٽانڪ (م ڊ) ڪراچي ۾ رائو انوار جي ٽيم هٿان ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ٿيل نقيب الله جي وارثن سان جاچ ٽيم جي سربراهه ثناءُ الله عباسي فون تي رابطو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ اهي سڀاڻي ڪراچي پهچي ويندا، اي آءِ جي ثناءُ الله عباسي آچر ڏينهن ڏکڻ وزيرستان ۾ موجود نقيب الله جي وارثن سان فون تي رابطو ڪيو ۽ کين انصاف جي پوري پڪ ڏياريندي ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته مون آءِ جي خيبرپختونخوا سان ڳالهايو آهي، جيڪو وارثن کي پوليس پهري ۾ ڪراچي موڪليندو، هن چيو ته توهان ڪراچي پهچو ته جيئن بيان رڪارڊ ڪري جاچ مڪمل ڪجي ۽ توهان جي فرياد تي ئي ڪيس به داخل ڪجي، ان کان اڳ اي آءِ جي ثناءُ الله عباسي ۽ خيبرپختونخوا جي ڊي آءِ جي سان به فون تي رابطو ڪري کيس درخواست ڪئي ته نقيب الله جي وارثن کي پوليس جي حفاظت ۾ ڪراچي موڪليو وڃي ته جيئن اهي ڪاميٽي وٽ پهچي بيان رڪارڊ ڪرائي سگهن ۽ ڪيس به داخل ڪرائين، ثناءُ الله جي رابطي کانپوءِ آءِ جي خيبرپختونخوا پوليس ڪمانڊوز جون گاڏيون روانيون ٿي ويون، جتان اها ٽيم مقتول جي وارثن کي وٺي ڪراچي ڏانهن اڄ رواني ٿيندي ۽ سڀاڻي ڪراچي پهچڻ جو امڪان آهي، ان سلسلي ۾ مقتول نوجوان جي سئوٽ عبدالرحمان ٻڌايو ته اي آءِ جي ثناءُ الله عباسي مون سان فون تي رابطو ڪيو آهي، نقيب الله جو پيءُ جيئن ته پوڙهو آهي، ان ڪري مقول جو ڀاءُ ۽ آئون پوليس ٽيم سان گڏجي سومر ڏينهن ڪراچي ڏانهن روانا ٿينداسين.