PrintClose

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 3 ايڊيشنل ججن مستقل جج جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، هاءِ ڪورٽ ۾ 30 مستقل ججن ۽ 5 ايڊيشنل ججن سميت ججن جوتعداد 35 ٿي ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججن لاءِ حلف برداري تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ 3 ايڊيشنل ججن مستقل جج جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو آهي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي ايم شيخ ايڊيشنل ججن کان حلف ورتو، حلف کڻندڙ ججن ۾ جسٽس ارشد حسين، جسٽس رشيد احمد سومرو ۽ جسٽس محمد سليم جيسر شامل آهن.