PrintClose

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري اي ٽي ايم فراڊ ڪيس ۾ وڌيڪ چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي موجب اي ٽي ايم فراڊ ۾ شاپنگ مال جا ڪيشيئر به ملوث نڪتا آهن، 2 جوابدار خريداري ڪرڻ وارن جي ڊيٽا گڏ ڪري اي ٽي ايم ۾ ڊوائيس لڳائيندا هئا، جڏهن ته 2 جوابدار چين سان آن لائين شاپنگ جو ڌنڌو ڪندڙ آهن، جڏهن ته جوابدارن وٽان جعلي ڊيبٽ ڪارڊ ۽ مشينن ۾ لڳندڙ پرزا پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.