PrintClose

لاهور (م ڊ) نواز شريف سميت شريف خاندان جو ڪو به ڀاتي طلب ڪرڻ باوجود نيب آڏو پيش نه ٿيو، ٽيم سڄو ڏينهن انتظار ڪندي رهي، رپورٽ موجب ڊي جي نيب شهزاد سليم جي سربراهي ۾ 6 رڪني ٽيم لاهور آفيس ۾ شريف خاندان جو منجهند 2 وڳي تائين انتظار ڪندي رهي، اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سندس پُٽ حسين نواز، حسن نواز، ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر ٽيم آڏو پيش نه ٿيا، واضح رهي ته نيب ٽيم لنڊن فليٽن جي خريداري ۽ ان لاءِ آمدني جا ذريعا جاچڻ لاءِ شريف خاندان کي پيشي لاءِ 2 ڏينهن اڳ نوٽيس جاري ڪيا هئا، مريم نواز کي صبح 10 وڳي ۽ ٻين ڀاتين کي 11 وڳي گهرايو ويو هو، شريف خاندان جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ڀاتي کي سمن وصول نه ٿيا هئا، جڏهن ته نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته شريف خاندان کي پيش ٿيڻ لاءِ جمعي ڏينهن جاتي امراءُ نوٽيس اماڻيا ويا هئا، جيڪي وصول پڻ ٿي چڪا هئا.