PrintClose

ڪوهاٽ (م ڊ) آمريڪا ۾ مقرر اڳوڻي سفير حسين حقاني خلاف ڪوهاٽ ۾ ملڪ ۽ فوج سان غداري ڪرڻ جا 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، رپورٽ موجب ڪوهاٽ جي ٽن مقامي شهرين حسين حقاني خلاف ڪينٽ ٿاڻي، سٽي ٿاڻي ۽ بلي ٽنگ ٿاڻي تي قلم 120 بي ۽ 121 اي تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته حسين حقاني آمريڪا ۾ رهندي ناڪاري پروپئگنڊا ڪري ملڪ جو اميج خراب ڪيو، هن پاڪستان خلاف 2 ڪتاب پڻ لکيا آهن، ٻئي طرف حسين حقاني ڪيسن تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته 5 سال پراڻي ميمو ڪيس جو فيصلو به نه آيو آهي ۽ الزام لڳائڻ وارا غائب آهن، هن چيو ته منهنجي ڪتابن ۾ دليل شامل آهن، ڪيس داخل ڪرائڻ وارا اهي پڙهي وٺن.