PrintClose

لاهور (آن لائن) موسميات کاتي سومر کان ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواه ۽ ڪشمير ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ بوندا باري ٿيندي، موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب سومر کان ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ برسات باقاعده پوڻ جو امڪان آهي، جنهن جو سلسلو جمعي تائين جاري رهندو، اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواه ۽ ڪشمير ۾ زوردار برسات پوندي، اربع کان ڇنڇر تائين سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به طوفاني برسات جو امڪان آهي.