PrintClose

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته دهشتگردي جي تازن واقعن جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، اجلاس ۾ پارا چنار ۽ ڪوئيٽا ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس دوران آرمي چيف کي ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن بابت بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ دهشتگردي خلاف بهترين جنگ وڙهي آهي، هاڻي وقت آهي ته اسٽيڪ هولڊر دهشتگردي خلاف وڌيڪ ڪم ڪن، آرمي چيف وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي تازن واقعن جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون.پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي حصي کان وڌيڪ وڙهيو آهي، هاڻي افغانستان جو وارو آهي، دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي، آرمي چيف چيو ته نائين اليون کانپوءِ پاڪستان تمام گهڻو متاثر ٿيو، اسان دهشتگردي خلاف تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون پر ان باوجود اسان جي قربانين کي صحيح انداز ۾ تسليم نه ڪيو ويو ۽ نظرانداز ڪيو ويو، آرمي چيف چيو ته قربانين باوجود اسان کان ڊو مور جو مطالبو ڪيو ويو پر هاڻي افغانستان سميت ٻيون ڌريون ڊو مور ڪن، هن چيو ته اسين پنهنجي زمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، خطي ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ سيڪيورٽي انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس کان اڳ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي تازن واقعن جو تعلق افغانستان ۾ محفوظ پناهگاهن سان آهي، پاڪ-افغان سرحد تي نگراني ۽ سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته غيرقانوني طور تي سرحد پار ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ڇنڇر تي گهرو وزير چوڌري نثار ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد سعيد. آءِ جي ايف سي بلوچستان ميجر جنرل نديم احمد انجم ۽ پاڪ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل بلال اڪبر سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن ۾ هن گذريل ڏينهن ڪوئيٽا، پارا چنار ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انهن واقعن بابت سامهون ايندڙ شاهدين جو تفصيل حاصل ڪيو. چوڌري نثار علي خان چيو ته عيد کان 2 ڏينهن اڳ دهشتگرد ڪاررواين جو مقصد سيڪيورٽي جي حوالي سان غير يقيني جهڙي ڪيفيت پيدا ڪرڻ ۽ افراتفري پکيڙڻ آهي پر اهڙين بزدلاڻين ڪاررواين سان نه ته قوم جو حوصلو متاثر ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي دهشتگردن خلاف اسان جون ڪاوشون ڪنهن طور گهٽ ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته رياست پاڪستان طرفان اهڙين ڪڌين ڪاررواين جو جواب پر عزم طريقي ۽ مڪمل طاقت سان ڏنو ويندو. اها انتهائي ڳڻتي واري ڳالهه آهي ته افغانستان ۾ ٿيندڙ ڪنهن به واقعي کي بنا ڪنهن جاچ جي پاڪستان سان ڳنڍيو ويندو آهي. سي جي ايس سان ڳالهائيندي ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ته افغانستان سان گڏيل سرحد تي قانوني طور تي اچ وڃ لاءِ مقرر ڪيل ڪراسنگ پوائنٽس کي جڏهن کوليو ويندو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته انهن ڪراسنگ پوائنٽس جي مانيٽرنگ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائيندي ان ذريعي اچ وڃ ڪندڙن جي ڪڙي نگراني ڪئي وڃي. هن ايف سي ۽ رينجرز جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾۽ خاص طور تي عيد جي موقعي تي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ بهتر ۽ اثرائتي حڪمت عملي جوڙي وڃي ، گهرو وزير شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت به پيش ڪيو. گهرو وزير چيو ته افغانستان ڪراسنگ پوائنٽس کولڻ تي پاڪستان ۾ دهشتگردي وڌي رهي آهي، افغانستان سان ڳنڍيل سرحد جي آمدرفت جي ڪڙي نگراني ڪئي وڃي ۽ ڪراسنگ پوائنٽن جي مانيٽرنگ وڌيڪ موثر بڻائي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته پارا چنار ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين بابت 2 الرٽ جاري ڪيا ويا هئا، صوبائي حڪومت واضح نشاندهي باوجود دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ حفاظتي انتظام ڇو نه ڪيا.