PrintClose

ڊيرا غازي خان (م ڊ) ڊيرا غازي خان ۾ رينجرز جي آپريشن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، ايس آءِ پي آر مطابق ڊيرا غازي خان جي پسگردائي واري علائقي لکاني دره ڪوڙا ۾ انٽيليجنس اطلاع تي پنجاب رينجرز آپريشن ڪندي هٿيار برآمد ڪري ورتا، جڏهن ته ٻن طرفن جي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق بندش پيل تنظيم سان هو، سندن قبضي مان 4 هينڊ گرنيڊ، هڪ ڪلاشنڪوف، 2 مشين گنز، 4 مئگزين ۽ 50 کان وڌيڪ ڪارتوس برآمد ٿيا آهن، مارجي ويل دهشتگرد فورسز جي جوانن جي اغوا ۽ قتل ۾ ملوث هئا.