PrintClose

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آچر ڏينهن صبح جو ڪراچي شهر جو دورو ڪيو. ان دوران وڏي وزير سان بلديات وارو وزير ڄام خان شورو، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻيا گڏ هئا. دوري دوران وڏي وزير مختلف تعمير روڊ هيٺ روڊن، انڊرپاسز ۽ فلاءِ اوورن جو دورو ڪيو. وڏي وزير قائدآباد ڏانهن ويندڙ ملير جي زيرتعمير جو معائنو ڪيو. هن روڊ کي جلد مڪمل ڪرڻ جي حڪم ڏيندي چيو ته روڊ جو ڪم نه ٿيڻ ڪري شهرين کي تمام گهڻي پريشاني ٿي رهي آهي انڪري روڊ جي تعميري ڪم کي فوري مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير منزل پمپ کان ٺٽي ويندڙ روڊ جو معائنو ڪندي ورڪس اينڊ سروسز کاتي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو . هن چيو ته ان روڊ جي فٽ پاٿ بڻجڻ گهرجي پر اهو اڃا مڪمل ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن دوري تي نه نڪران ته ڪم نه ٿيندو يا سست طريقي سان ٿيندو، مان اهو سڀ برداشت نه ڪندس. وڏي وزير پورٽ قاسم ڀرسان وڏو رائونڊ ابائوٽ بڻائڻ تي انجنيئر کان سوال جواب ڪيا. انجنيئر جواب ڏيندي چيو ته وڏا ٽينڪر موو ڪندا آهن انڪري وڏو رائونڊ ابائوٽ بڻايو آهي. وڏي وزير ڊي سي ملير کي ٽرئفڪ وارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ٽرئفڪ جي رواني کي يقيني بڻائي سگهجي. وڏي وزير پورٽ قاسم کان واپسيءَ تي ٻئي پاسي واري روڊ جو معائنو به ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته قائد آباد کان پورٽ قاسم تائين سولر لائيٽس لڳايون پيون وڃن. وڏي وزير لائيٽس جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير جوڳي موڙ تي تعمير فٽ پاٿ جو معائنو ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسٽار گيٽ وٽ تعمير هيٺ نالي جو معائنو به ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاهراهه فيصل تي ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو آهي. منزل پمپ فلاءِ اوور واري ڪم مان مطمئن آهيان ۽ ان جو معائنو اين اي ڊي جي ماهرن کان ڪرايو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪي ايم سي جي ڪمن کي به ڏٺو وڃي ۽ مان اهو چاهيندس ته ڪي ايم سي ڪمن جي معيار تي ڌيان ڏئي. وڏي وزير چيو ته ڪي ايم سي کي ترقياتي ڪمن جا فنڊ وقت تي جاري ڪيا آهن. شهر جي ترقياتي منصوبن تي ٿيندڙ ڪم جي رفتار مان مڪمل طور تي مطمئن نه آهيان. وڏي وزير چيو ته ايئرپورٽ کان قائدآباد واري روڊ جي تعمير ۾ سستي آهي. ان روڊ جي تعميري ڪمن ۾ تيزي آڻي جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته شهر ۾ پوليس جي ٽارگيٽ ڪلنگ تي افسوس آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي نشاندهي ٿي آهي. پوليس اهلڪارن ۽ آفيسر جي قتل ۾ ملوث هڪ گينگ کي گرفتار ڪيو آهي ۽ باقي جلد گرفتار ڪيا ويندا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنجاب ڪالوني وٽ تعمير هيٺ انڊرپاس جو معائنو ڪيو. وڏي وزير سن بليووارڊ فلاءِ اوور جي تعمير جو جائزو ورتو، ان موقعي تي بلديات واري وزير ڄام خان شوري ۽ پي اينڊ ڊي چيئرمين محمد وسيم وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اهو فلاءِ اوور 650 ملين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندو. ان دوران وڏي وزير ڊائيورشن ڏيڻ لاءِ پنهنجي آءِ پيڊ تي نقشو ڏسي ڊائيرشن بڻائڻ جو فيصلو به ڪيو، ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دنيا جا ناليوارا سائنسدان جهڙوڪ البرٽ آئن اسٽائن ۽ اسٽيفن هاڪنگ نارمل نه هئا، هڪ کي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي هئي ۽ ٻيو معذور هو پر ٻئي دنيا جا تمام گهڻا ڪارائتا ماڻهو ثابت ٿا. هن اها ڳالهه اڄ ڊائو يونيورسٽي هيلٿ سائنسز جي ملٽي ڊسيپلينري پيڊياٽرڪ ري هيب سروسز ڊپارٽمينٽ (ايم پي آر ايس ڊي) جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. صحت وارو صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو ۽ پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت پڻ گڏ هئا. وڏي وزير چيو ته آئن اسٽائن ۽ هاڪنگ جون ڪامياب ڪهاڻيون ئي ڪافي آهن، جن مان اسان اهو سکي سگهون ٿا ته خاص ٻارن جي جيڪڏهن مناسب ريت ڪوچنگ، سارسنڀال، علاج ۽ بحاليءَ وارو ڪم ڪيو وڃي ته اهي معاشري جا ڪارائتا فرد بڻجي سگهن ٿا، اهو معاشري تي منحصر آهي ۽ خاص ڪري والدين تي آهي ته جداگانه معذور ٻارن جي ڪهڙي ريت بحالي ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته اسان انهن مان آئن اسٽائن ۽ هاڪنگ بڻائي سگهون ٿا. هن چيو ته سندن تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ وزيرن ۽ سيڪريٽريز کي به اختيار ڏنا آهن ته جيئن خدمتن جي فراهميءَ لاءِ اهم فيصلا ڪري سگهن. هن چيو ته مان اهڙي قسم جو شخص نه آهيان جو سمورا اختيار پاڻ وٽ رکي ڇڏيان بلڪه منهنجي ڪابينا جي ميمبر ۽ صوبائي سيڪريٽرين وٽ ايترا اختيار آهن ته اهي آزاداڻي ريت پنهنجا کاتا هلائي سگهن ٿا. هن چيو ته هُو سمورن ضلعي هيڊڪوارٽر جي اسپتالن ۾ اهڙي طريقي جا بحالي وارا مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اوهان وٽ ماهر موجود آهن جيڪي ٻارن جي خدمت جو جذبو رکن ٿا ۽ اهڙا مرڪز هلائڻ جو تجربو به اٿن، انڪري مان اهڙا مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. سيد مراد علي شاهه چيو ته سندن فنڊن جو مسئلو نه آهي پر مسئلو رڳو فنڊن جي مناسب ۽ صحيح استعمال جو آهي، جيڪڏهن اوهان اڳتي اچو ٿا ته مان اوهان کي بحاليءَ جي اهڙن مرڪزن لاءِ خاطر خواهه فنڊ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.