PrintClose

پئرس (م ڊ) آمريڪا يمن بابت پنهنجي پاليسي ۾ تبديلي ڪري ورتي آهي ۽ سعودي عرب تي يمن جي ناڪابندي ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي. آمريڪا هڪ مهينو اڳ يمن جي ناڪابندي ڪرڻ بابت سعودي عرب جي اعلان جي حمايت ڪئي هئي، ان وقت آمريڪا جي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن چيو هو ته اسين ان عمل جي حوصلا افزائي ڪنداسين پر هاڻي پئرس ۾ لبنان جي مدد لاءِ قائم ٿيل بين الاقوامي گروپ جي اجلاس کانپوءِ ٽلرسن چيو ته سعودي عرب يمن جي ناڪابندي ۽ فوجي مداخلت بند ڪري، جڏهن ته اجلاس ۾ گروپ ۾ شامل ملڪن برطانيا، چين، فرانس، روس ۽ آمريڪا جي ميمبرن سعودي عرب ۽ ايران تي زور ڀريو ته اهي يمن ۾ مداخلت بند ڪن. آمريڪا جي پرڏيهي وزير ٽلرسن چيو ته يمن ۾ گهرو ويڙهه سبب جاني نقصان وڌي ويو آهي، اتي مداخلت بند ٿيڻ گهرجي.