PrintClose

سکر/ نوابشاهه(رپورٽ: امداد بوزدار/ فدا چانڊيو) روهڙي ڪئنال جي انسپيڪشن مڪمل، آبپاشي کاتي 32 ڏينهن کانپوءِ ڪئنال کي کولي ڇڏيو، سکر بيراج کان پاڻي ڇوڙ، ان سلسلي ۾ رپورٽ موجب ايشيا جي سڀ کان وڏي نهري پاڻي جي سرشتي روهڙي ڪئنال اندر نوابشاهه مان ڪرايل تعميراتي ڪم جي چڪاس لاءِ نيب اختيارين پاڻي جي بندي جيڪا هر سال 5 جنوري تي ٿيندي آهي اها 16 ڏينهن اڳ 20 ڊسمبر تي ڪرائي جاچ شروع ڪئي، روهڙي ڪئنال ۾ پاڻي جي اها بندي 32 ڏينهن جاري رهي، جنهن دوران لائننگ ۽ پچنگ واري ڪم جي مڪمل جاچ ڪئي وئي، 32 ڏينهن جي ڊگهي جاچ کانپوءِ انسپيڪشن جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ آبپاشي کاتي روهڙي ڪئنال کي کولي ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي ٽيم شڪايتن تي روهڙي ڪئنال جي لائننگ ۽ ٻئي ڪم جو معائنو ڪيو، تفصيلي جاچ باوجود ڪٿي به غير معياري ڪم جي نشاندهي ناهي ٿي، ان سلسلي ۾ سکر بيراج جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر خورشيد کوکر روزاني سوڀ کي ٻڌايو ته تقريبن مهيني تائين روهڙي ڪئنال ۾ پاڻي جي بندي رهي، جنهن دوران وفاقي اداري نيب طرفان تعميراتي ڪم جي انسپيڪشن ڪئي وئي، جيڪا مڪمل ٿي چڪي آهي، اسان کي روهڙي ڪئنال وڌيڪ بند رکڻ جي ڪا به هدايت ناهي، ان ڪري گذريل ڏينهن ٻين ڪئنالن سان گڏ سکر بيراج مان روهڙي ڪئنال کي به کولي ڇڏيو آهي، هن چيو ته سکر بيراج مان ڇڏيل پاڻي روهڙي ڪئنال جي پڇڙي تائين 48 ڪلاڪن ۾ پهچي ويندو، جنهن سان آبادگارن ۾ پکڙيل بي چيني به ختم ٿي ويندي، سکر بئراج جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر خورشيد احمد کوکر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪلويئر دوران ڀل صفائي وارو ڪم مڪمل ٿيڻ سبب سمورا ڪئنال کوليا ويا آهن، سالياني ڀل صفائي سان گڏ بئراج جي دروازن کي ٽيڪنيڪل طور چيڪ ڪرڻ تمام ضروري هوندي آهي ڇاڪاڻ ته سڄو سال ڄاڻايل دروازا پاڻي هيٺ هوندا آهن، ڪلويئر دوران دروازن کي گاسليٽ سان ڌوئڻ بعد گريسنگ، آئلنگ ڪري رنگ ۽ روغن جو ڪم ڪيو ويندو، هينئر سيزن جي گهرج موجب پاڻي جي فراهمي وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. نيب عملدار جنيد احمد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي واٽرنگ جو ڪو به نقصان ڪونهي، اصل ڪم لائننگ ڏسڻ هو، جيڪا جاچ ڪئي آهي، لائننگ جي ڪم جي مخالفت نٿا ڪريون، اهو ڪم سٺو آهي، ٻئي طرف چيف انجنيئر سکر بيراج نذير مهر ٻڌايو ته بندي دوران انسپيڪشن جو اڳ ئي چيو هو پر اهو نه ٿيو، وارابندي کان اڳ انسپيڪشن لاءِ عدالتي حڪم مڃڻو هو، پاڻي جي لهڻ ۾ 5 کان 8 ڏينهن لڳندا آهن، جديد مشينري آهي، ڪا به شيءِ لڪي نٿي سگهي، اسان مطمئن آهيون، ڳنڍو ان ڪري ڏنوسين ته ٺيڪيدار اعتراض واريا هئا، پر اسان ڏٺوسين ته ڪم کي ڪو نقصان نه ٿيندو ته اسان ڳنڍو کولي ڇڏيو ، هن چيو ته نيب کان جاچ ڪرائڻ لاءِ جديد اوزار اسان پاڻ گهرايا، اهو اسان جو ڪم آهي، اوزار آڻڻ نيب جو ڪم ناهي، اي سي روهڙي ڪئنال امجد ڏاوچ ٻڌايو ته لائننگ وارو ڪم بهترين ٿيل آهي، 3 سال ٿي ويا آهن، متاثر نه ٿيندو، لائننگ سان پاڻي جي رفتار وڌي ٿي، آبادگارن کي فائدو ٿيندو، 12 ڪلاڪن وارو پاڻي 6 ڪلاڪ ۾ پهچندو، پڇڙي ۾ سڄي لائننگ تائين اثرائتو نتيجو نه ملندو، ڪئنال ۾ پاڻي وڌي ٿو ته لائننگ سان اوور ٽاپ نه ٿيندو، ان ۾ سم به نه ٿيندي آهي، ٻئي طرف روهڙي ڪئنال کي وقت کان اڳ ڊگهي مدي تائين بند ڪرڻ سبب ضلعي شهيد بينظير آباد سميت روهڙي ڪئنال تي آباد ٿيندڙ سنڌ جي 26 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين سوڪهڙي جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن سبب آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو آهي، روهڙي ڪئنال جي ڊگهي بندش سبب سنڌ جا اهم ضلعا جنهن ۾ شهيد بينظير آباد، نوشهرو فيروز، مٽياري، سانگهڙ، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان سخت متاثر ٿي رهيا آهن متاثر ٿيل ضلعن ۾ لکين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ سميت ٻيا مختلف فصل سڪي رهيا آهن جڏهن ته ڀاڄيون پڻ پاڻي نه ملڻ سبب سڪي رهيون آهن مذڪوره علائقن ۾ پاڻي نه ملڻ سبب جانور پڻ متاثر ٿي رهيا آهن ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ آبادگارن پاران لکين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ جو فصل نصرت ڪئنال، صدا واهه، جهيمل شاخ، جادو مائنر ۽ گجراواهه سميت ٻين واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه هئڻ سبب سڪي سڙي رهيو آهي، علائقي واسين ۽ آبادگارن ايوب لغاري، حاجي عبدالحفيظ، سيد اشرف علي شاهه ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته زمينن کي روهڙي ڪئنال جي لائننگ سان فائدو ٿيو آهي سم ۽ ڪلر جو خاتمو ٿيو آهي پر روهڙي ڪئنال کي سالياني بندي کان 16 ڏينهن اڳ بند ڪرڻ سان علائقي واسين کي نقصان ٿيو آهي، جانور پڻ پاڻي نه ملڻ سبب اڃ مري رهيا آهن، فصل سُڪي رهيا آهن معاشي طور تي نقصان ٿيو آهي، اربين رپين جو نقصان وقت کان اڳ ڪئنال کي بند ڪرڻ سان ٿيو آهي، هنن چيو ته لائننگ واري ڪم کان علائقي مان سم ۽ ڪلر جو خاتمو ٿيو آهي زمينون آباد ٿيون آهن، آبادگارن روزاني ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي چيو ته روهڙي ڪئنال ۾ مسلسل پاڻي جي بندي سبب ضلعي شهيد بينظير آباد جي آبادگارن جو لکين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جي فصل کانسواءِ ڀاڄيون، گاهه، ڪيلو ۽ ٻيا باغات سڪي سڙي رهيا آهن جيڪڏهن روهڙي ڪئنال ۾ فوري طور تي پاڻي نه ڇڏيو ويو ته ضلعي جي ننڍن ۽ غريب آباد گارن کي اربين رپين جو نقصان پهچندو