PrintClose

چارسده (م ڊ) چارسده جي علائقي مندي ۾ پوليس مقابلي دوران جوابدارن جي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ شهيد ٿي ويو، تفصيل موجب چارسده جي علاَئقي مندي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن جاري هو ته ان دوران اشتهاري جوابدارن فائرنگ ڪري اي ايس آءِ خان ولي شاهه کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس جوابي فائرنگ ڪري 2 اشتهاري جوابدار ماري ڇڏيا، جيڪي سڳا ڀائر هئا، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اشتهاري جوابدارن جي موجودگي تي سرچ آپريشن جاري هو، ان دوران پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪري ڇڏي جنهن سان اي ايس آءِ شهيد ٿيو جوابي فائرنگ سان 2 اشتهاري به ماريا ويا، جن جا ٻيا ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.