PrintClose

لاهور (م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر علامه طاهر القادري چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ ۾ لڪل سچ وائکو ٿي ويو آهي، رپورٽ ۾ شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله سميت ان جي بيوروڪريسي کي ماڊل ٽائون سانحي ۾ قتل عام جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، ڪالهه عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد ۽ مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين لاهور ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، ان موقعي تي ڳالهائيندي طاهر القادري چيو ته جسٽس باقر نجفي وڏو دليراڻو فيصلو ڪيو آهي پر ان جي باوجود به پنجاب حڪومت رپورٽ کي ڊڪليئر نه پئي ڪيو ۽ ٻيهر عدالت ۾ اپيل ڪئي آهي، طاهر القادري چيو ته شهباز شريف آءِ جي، ڊي سي اوز ۽ ٻين پوليس آفيسرن جون بدليون ڪرايون ته جيئن قتل عام ڪرائي سگهي ۽ اڃا تائين انهن پوليس آفيسرن کي ملڪ کان ٻاهر اماڻي تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته راڻا ثناءُ الله ۽ شهباز شريف ۾ شرافت ناهي جو باعزت طريقي سان استعيفائون ڏئي ڇڏين پر اسين هڪ دفعو ٻيهر مطالبو ڪريون ٿا ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله سميت بيورو ڪريٽس فوري طور تي پنهنجي عهدن تان استعيفائون ڏئي ڇڏين ۽ پاناما طرز جو آزاد ڪميشن ٺاهيو وڃي، جيڪو ماڊل ٽائون جي قتل عام جي شفاف جاچ ڪري، هن چيو ته جيڪڏهن پنجاب حڪومت اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ته پوِءِ اسين عوام جي طاقت سان پرامن طريقي سان انهن کي حڪومت مان ٻاهر ڪڍنداسين،هن چيو ته حڪومت خلاف ڪنهن به وقت رستن تي نڪرڻ جو اعلان ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته پنجاب حڪومت ماڊل ٽائون سانحي جي ڏوهه جي ذميوار هئي، ان لاءِ ساڍا ٽن سالن تائين رپورٽ کي دٻائي رکيو، هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو راڻا ثناءُ الله جي حڪم تي ٿيو، رت جي هولي کيڏڻ لاءِ مشتاق سکيرا کي آندو ويو، راڻا ثناءُ الله استعيفيٰ ڏي ۽ پاڻ کي قانون جي حوالي ڪري ڇڏي.