PrintClose

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته نيب اڄ گهرايو آهي پر مون پيش ٿيڻ جو اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو، نيب وارن جي مون سان ڪهڙي محبت آهي ان حوالي سان اڄ عوام کي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس، نيب ۽ نيب جي عملدارن جا سمورا ڪرتوت پڌرا ڪندس، شهباز شريف چيو ته عمران خان گاريون ڏيڻ کان واندو ٿئي ته کيس ٻيو ڪو ڪم ڪرڻ جو وقت ملي، لاهور ۾ ”باب پاڪستان“ جي تعمير جي منصوبي جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته مال روڊ لاهور تي سڄي ملڪ جا مسخرا گڏ ٿيا ۽ وڏو ناٽڪ پيش ڪيو پر لاهورين ان ناٽڪ ۾ شرڪت نه ڪري کين چماٽ هنئي آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ ميٽرو منصوبي لاءِ نواز شريف فنڊ فراهم ڪيا ۽ چونڊن ۾ عوام نواز ليگ کي چونڊيو ته ڪراچي ۽ پشاور کي لاهور جهڙو بڻائي ڇڏينداسين، هن چيو ته سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي چونڊن ۾ عوام اسان کي چونڊيو ته ٻنهي صوبن کي پنجاب جهڙو بڻائي ڇڏينداسين ۽ ٻنهي صوبن کي فنڊز ڏينداسين پر ڪنهن کي به ڪرپشن ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته عمران خان لاهور جي ميٽرو تي تنقيد ڪندو رهيو پر ڪي پي ڪي حڪومت ساڍا 4 ورهين بعد ميٽرو منصوبي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان قرض ورتو آهي پر اسان کي موقعو مليو ته پشاور کي ميٽرو بس منصوبو هڪ سال ۾ مڪمل ڪنداسين، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي موقعو مليو ته پوري ملڪ ۾ انقلاب آڻينداسين ۽ نواز شريف مون کي ذميوار بڻايو ته پوري ملڪ ۾ منصوبن جي نگراني ڪندس.