PrintClose

لاهور (م ڊ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار قصور م زينب قتل ڪيس ۾ پوليس جي جاچ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي جوابدار جي گرفتاري لاءِ آءِ جي پنجاب کي 72 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي ڇڏي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني خصوصي بينچ لاهور رجسٽري ۾ زينب قتل ڪيس تي پاڻ مرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي موقعي تي جي آءِ ٽي جي سربراهه محمد ادريس جاچ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن تي عدالت عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻڌڻي دوران زينب جو چاچو ۽ زيادتي بعد قتل ڪيل ٻين بارن جا والدين به پيش ٿيا، جاچ ٽيم فل بينچ کي آگاهه ڪيو ته جون 2015ع کان وٺي هيل تائين 8 واقعا پيش آيا ۽ اهي واقعا ٽنهي پوليس اسٽيشنن جي حدن ۾ ٿيا ۽ انهن ۾هڪ ئي شخص ملوث آهي، جنهن جي ڊي اين اي ملي آهي، جڏهن ته پهريان 2 واقعا صدر ڊويزن ٿاڻي ۾ پيش آيا، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٻن ٿاڻن جي حد ۾ ايڏاواقعا ٿيا، پوليس ڇا ڪري رهي هئي، اهو ڪهڙو ايس ايچ او آهي، جيڪو ٽن سالن کان مقرر آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ماڻهن جي شڪايت باوجود ان کي هٽايو ناهي ويو، جي آءِ ٽي جي سربراهه ٻڌايو ته اسان اٽڪل 800 شڪي ماڻهن جي ڊي اين اي ڪئي، جن مان 8 ڊي اين اي ٽيسٽ ميچ ٿيون آهن، ان تي چيف جسٽس چيو ته پوليس رڳو هڪ ئي رخ تي جاچ ڪري رهي آهي، پوليس وٽ جاچ جا روايتي طريقا به آهن. بينچ جي فاضل جج جسٽس منظور احمد ملڪ قرار ڏنو ته پوليس ڊي اين اي کان باهر نڪري به جاچ ڪري، ڄاڻون ٿا ته پوليس پنهنجو روايتي طريقو استعمال ڪري ته جوابدار تائين پهچي سگهجي ٿو، پاڻ مرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي ججن افسوس جو اظهار ڪيو ته معصوم ٻارڙي سان ظلم ٿيو آهي، جيڪڏهن پوليس 2015ع ۾ ايتري سنجيده هجي ها ته اڄ 8 ٻارڙيون زيادتي بعد قتل نه ٿين ها. سپريم ڪورٽ چيو ته زيادتي جي 8 ڪيسن جون حالتون ۽ واقعا هڪجهڙا آهن ته ان رخ تي به جاچ ڪئي وڃي. ڇيف جسٽس زينب جي وارثن کان پڇيو ته توهان کي جيڪڏهن ڪنهن قسم جون شڪايتون آهن ته ٻڌايو جنهن تي وارثن عدالت ۾ بيان ڏنو ته جي آءِ ٽي تسلي بخش ڪم ڪري رهي آهي، دعاگو آهيون ته اها جلد ڪامياب ٿي وڃي، فل بينچ جي آءِ ٽي کي جاچ ۾ نفسياتي ماهر کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ زيادتي جو نشانو بڻجندڙ علاج هيٺ ٻارڙي ڪائنات جي ميڊيڪل رپورٽ به طلب ڪري ورتي بعد ۾ فل بينچ معاملي جي چيمبر ۾ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پنجاب فارنزڪ جو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طاهر اشرف به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ بند ڪمري دوران ملٽي ميڊيا تي بريفنگ ڏني. عدالت ڪارروائي ايندڙ ٻڌڻي تائين ملتوي ڪندي زينب قتل ڪيس جي جوابدار جي گرفتاري لاءِ 72 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي ڏئي ڇڏي.