PrintClose

ڪراچي (رپورٽ: وحيد گل ميمڻ) اليڪشن ڪميشن کي ضمني چونڊ دوران بائيو ميٽرڪ مشينون استعمال ڪرڻ لاءِ نادرا کان ڊيٽا نه ملي سگهي آهي، جنهن ڪري ڪراچي جي پي ايس 114 تي 9 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊ ۾ بائيو ميٽرڪ مشينون استعمال نه ٿي سگهنديون، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب الڪيشن ڪميشن جو ضمني چونڊ دوران بائيو ميٽرڪ مشينون استعمال وارو پائليٽ منصوبو ناڪام ٿي ويو آهي.اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي جي تڪ 114 ۾ 9 جولاءِ تي رٿيل ننڍي چونڊ ۾ بائيو ميٽرڪ مشينون استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر نادرا کان ڊيٽا نه ملڻ سبب 9 جولاءِ تي پي ايس 114 تي ٿيندڙ ضمني چونڊ دوران بائيو ميٽرڪ مشينون استعمال ڪرڻ جو پائليٽ منصوبو ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي. بائيو ميٽرڪ مشينن جو پائليٽ منصوبو ناڪام ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پي ايس 114 جي ننڍي چونڊ ۾ 4 ٽيڪنالوجيز استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن جي اختيارين موجب پي ايس 114 تي ضمني چونڊ دوران ايس ايم ايس، آر ايم ايس، جي آءِ ايس ۽ آر ٽي ايس استعمال ڪيون وينديون. اليڪشن ڪميشن جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي پي ايس 114 جا 2 لک 92 هزار 875 رجسٽرڊ ووٽر ايس ايم ايس تي پنهنجي ووٽ جا تفصيل حاصل ڪري سگهن ٿا. ووٽر تڪ جي سمورين 92 پولنگ اسٽيشنن جا تفصيل پڻ گوگل ميپ تي ڏسي سگهن ٿا. اختيارين موجب رٽرننگ آفيسر رزلٽ مئنيجمينٽ سسٽم ذريعي چونڊ نتيجا تيار ڪندا، جڏهن ته پرزائيڊنگ آفيسر موبائيل فون ذريعي سڌو نتيجا اليڪشن ڪميشن کي موڪليندا. ان سلسلي ۾ پي ايس 114 تي پيپلز پارٽي جي اميدوار سينيٽر سعيد غني سوڀ سان ڳالهائيندي چيو ته ضمني چونڊ ۾ بائيو ميٽرڪ مشينون استعمال ڪرڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو منصوبو تجرباتي هو، جيڪڏهن نادرا کان معلومات نه ملي سگهي آهي ته ڀلي بائيو ميٽرڪ استعمال نه ڪئي وڃي ته بهتر آهي، باقي اسان اليڪشن ڪميشن کان گهر ڪئي آهي ته چونڊ شفاف ڪرائي وڃي. ساڳي تڪ تي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن جو مؤقف وٺڻ لاءِ سندن موبائيل نمبر تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪال اٽينڊ نه ٿي سگهي.