PrintClose

ڪراچي: واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم پپري فلٽر پلانٽ جي ليبارٽري ۾ چيف ڪيمسٽ جي مقرري هڪ مهيني اندر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، آچر ڏينهن پپري فلٽر پلانٽ جي دوري دوران واٽر ڪميشن جي سربراهه طرفان پڇا ڪرڻ تي پتو پيو ته اتي چيف ڪيمسٽ جو عهدو ئي خالي پيل آهي ۽ ان عهدي تي مقرري لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنو ويو آهي، ليبارٽري جي عملي ڪميشن جي سربراهه کي ٻڌايو ته ڪراچي کي ملندڙ پاڻي 15 ڏينهن ۾ رڳو هڪ ڀيرو ٽيسٽ ڪيو ويندو آهي، شهر کي روزانو ملندڙ 140 گيلن پاڻي مان رڳو اڌ ئي فلٽر ٿي سگهندو آهي، جنهن تي جسٽس (ر) امير هاني مسلم فلٽر پلانٽ جي فنڊن جا تفصيل گهري ورتا ۽ هڪ مهيني اندر چيف ڪيمسٽ جي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.