PrintClose

قاهره (م ڊ) عرب ليگ آمريڪا طرفان والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ جي اعلان کي رد ڪندي ان جي خلاف سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آمريڪا جي فيصلي جي مذمت ڪندي ان کان گهر ڪئي آهي ته اهو فيصلو ترت واپس ورتو وڃي، اهڙي گهر ڇنڇر ڏينهن عرب ليگ جي هنگامي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ ڪئي وئي، عرب ليگ جي اجلاس ۾ چيو ويو ته ٽرمپ جو اعلان عالمي قانونن جي خطرناڪ ڀڃڪڙي آهي، جنهن جي ڪا به قانوني حيثيت نه آهي. آمريڪا جو والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ آمريڪي جي پاليسي جي به ابتڙ آهي، جنهن موجب ان جو فيصلو ڳالهين ذريعي ٿيڻ گهرجي. پر ٽرمپ جي اعلان سان مسئلو حل ٿيڻ بدران ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿيندي ۽ رتوڇاڻ وڌندي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آمريڪي صدر جي هن اعلان خلاف گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل مان ٺهراءَ منظور ڪرايو ويندو، اجلاس ۾ آمريڪا تي سياسي، معاشي ۽ مالي پابنديون لڳائڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي، پر ان جي حوالي سان ڪو فيصلو نه ٿيو، عرب ليگ جي اجلاس ۾ آمريڪا کان گهر ڪئي وئي ته هو پنهنجو اعلان ترت واپس وٺي، اجلاس ۾ خطاب ڪندي عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيط آمريڪا جي فيصلي کي هڪ طرفو ۽ غلط قرار ڏنو ۽ چيو ته اهڙي غلط فيصلي تي ماٺ رهي نه ٿا سگهون، ان فيصلي سان عرب دنيا جو آمريڪا تان اعتبار ختم ٿي ويو آهي. هوڏانهن فلسطين ۾ پنجين ڏينهن تي به آمريڪا ۽ اسرائيل جي خلاف مزاحمتي تحريڪ انتفاضه جاري رهي، ان دوران فلسطين جي مختلف شهرن ۾ هزارين فلسطيني رستن تي نڪري آيا، انهن اسرائيل جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ اسرائيلي فوجن تي پٿرن ۽ گليلن سان پڻ حملا ڪيا، جڏهن ته ڇڪتاڻ دوران وڌيڪ 231 فلسطيني زخمي پڻ ٿيا. هوڏانهن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي، انڊونيشيا جي گادي واري شهر جڪارتا ۾ آمريڪي سفارتخاني جي سامهون ٻئين ڏينهن به هزارين ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو، مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ به پڻ وڏي انگ ۾ شهرين رستن تي نڪري آيا، فرانس جي گادي واري شهر پئرس ۾ به سوين ماڻهن اسرائيل وزيراعظم نيتن ياهو جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪويت سٽي ۾ پڻ وڏي انگ ۾ شهرين احتجاجي مظاهرا ڪيا. لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ پڻ هزارين شهرين آمريڪا جي سفارتخاني اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، انهن سفارتخاني تي حملي جي به ڪوشش ڪئي، پر پوليس انهن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ورتو.