PrintClose

اسلام آباد (م ڊ/اي پي پي) چين جو پرڏيهي وزير وانگ زي ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. ڪالهه پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف نور خان ايئربيس تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ٻه ڏينهن رهڻ دوران چين جو پرڏيهي وزير پاڪستاني قيادت سان ملاقاتون ڪندو. ذريعن موجب چيني پرڏيهي وزير وانگ زي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪري علائقي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته چيني وزير جو دورو انتهائي اهم آهي، هو افغان معاملي تي اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو. ٻئي طرف چيني پرڏيهي وزير وانگ زي 9 رڪني وفد سان گڏ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان ملاقات ڪري وفد سطح تي ڳالهيون ڪيون، جن ۾ ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ امن جي قيام، ڳالهين جي بحالي ۽ طالبان گروپن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ تي ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ذريعن موجب ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا ۽ ڊي جي افغانستان منصور احمد خان به شرڪت ڪئي، ذريعن موجب چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين افغانستان ۾ امن جي قيام جي حمايت ڪري ٿو، ڪيو سي جي ملڪ به امن جي حمايت ڪن ٿا، خطي ۾ امن جي لاءِ افغانستان ۾ هجڻ ضروري آهي، ان موقعي تي سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان ۾ امن لاءِ افغانستان ۾ امن جو هجڻ ضروري آهي، افغانستان جي مسئلي جو حل ڳالهين جي ميز تي تلاش ڪري سگهجي ٿو.