PrintClose

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: تاج ٽانوري) ميرپورماٿيلو جي ڪوثر ڪالوني مان تقريبن 9 ڏينهن اڳ گهر کان اسڪول ويندي معصوم نينگر عبدالرحمان آرائين کي سندس ڀيڻويي وحشي جوابدار عمران آصف ورغلائي موٽر سائيڪل تي کڻي وڃڻ بعد بيدردي سان گهٽا ڏئي قتل ڪري حيات پتافي شهر ويجهو مسوواهه ۾ لاش لوڙهي ڇڏڻ کانپوءِ ميرپورماٿيلو پوليس مسلسل لاش کي ڳولڻ باوجود هٿ نه اچڻ تي آخرڪار شهرين جي اڳوڻي ايس ايڇ او پرويز شاهه خلاف آواز اٿارڻ ۽ نينگر جي قاتل کي سهولتون ڏئي رشوت وٺڻ جي الزامن ۽ احتجاج کانپوءِ ڊي آءِ جي سکر نوٽيس وٺندي ٻه ڏينهن اڳ ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي مقرر ٿيل ايس ايڇ او پرويز شاهه کي هٽائي عبدالجبار مهر کي ايس ايڇ او مقرر ڪيو هو جنهن ٿاڻي تي چارج وٺڻ شرط نينگر جي قاتل ڀيڻويي عمران آصف کان معلومات وٺي مسوواهه جي مختلف هنڌن تي ٽوٻن ۽ پاڻي جي ڄاڻ رکندڙ ڳوٺاڻن کي لاش ڳولي ڏيڻ جو ٽاسڪ ڏنو جيئن ئي باک ڦٽي مهل واپس ٿاڻي تي پهتو ته ڳوٺاڻن لاش جي ڳولا شروع ڪئي ته مسوواهه جي آر ڊي 131 وٽ هڪ نينگر جو لاش پاڻي ۾ ترندو ڏسي ڳوٺاڻن ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو عبدالجبار مهر کي موبائل فون ذريعي نينگر جي لاش بابت آگاهه ڪيو جنهن تي ايس ايڇ او نينگر جي وارثن کي آر ڊي 131 تي پهچڻ جو اطلاع ڏئي پاڻ موبائيل تي روانو ٿي 131 آر ڊي تي پهچي لاش ڪڍرائي کٽ تي رکرايو، جتي لاش مٽي ۾ ٻڏل ۽ پراڻو هجڻ ڪري سڃاڻپ نه ٿي سگهي ۽ لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ميرپورماٿيلو آندو ويو جتي لاش جي سڃاڻپ پيءُ عبدالوهاب آرائين پاران ٻار جي ڳچي ۾ ٻڌل تعويذ ڏسي پنهنجي پٽ عبدالرحمان آرائين طور تصديق ڪئي جنهن بعد ڊاڪٽر لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو جڏهن لاش گهر پهتو ته نينگر جي بيحال بڻيل ماءُ ۽ چار ڀينرون لاش کي چنبڙي پيون ۽ اُڀ ڏاريندڙ اوڇنگارون ڏئي روئنديون رهيون، لاش هٿ اچڻ جي اطلاع تي سوين شهري نينگر جي گهر ڪوثر ڪالوني پهچي ويا جتي قيامت صغريٰ جو منظر هو، نينگر جو لاش ڏسي هر اک آلي ٿي وئي، ماڻهو قاتل کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا رهيا جڏهن ته بعد ۾ نينگر جو مڙهه کڻي مدرسه دارالعلوم قاسميه آندو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سوين ماڻهن جي شرڪت ڪئي، نينگر جي مڙهه کي لال شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته جنازي نماز ۾ ضلعي انتظاميا، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، شهرين ۽ نينگر جي اسڪول ماڊرن پبلڪ اسڪول جي انتظاميه ۽ سندس سوين ساٿي شاگردن پڻ شرڪت ڪئي نينگر جو لاش گهر پهچڻ کانپوءِ ميرپورماٿيلو ٿاڻي جي پوليس کي الرٽ ڪيو ويو، امن امان برقرار رکڻ جي حوالي سان وڏي پوليس نفري کي ڪوثر ڪالوني ۽ جنازي نماز واري هنڌ مقرر ڪيو ويو ۽ نينگر جي لاش کي قبرستان لاءِ کڻي وڃڻ دوران پوليس رستن کي خالي ڪرائي عارضي طور ٽرئفڪ کي ڪجهه دير لاءِ بند رکيو.