PrintClose
19-10-2017

ٿاڻو بولاخان (ن سوڀ) ٿاڻو بولا خان جي ميمڻ پاڙي جي رهواسي 25 سالن جي ڪامران علي ولد علي محمد ميمڻ گذريل رات ڪراچي جي جوهر واري علائقي ۾ بيروزگاري کان تنگ اچي روڊ تي ماڻهن جي سامهون پنهنجي مٿان پيٽرول هاري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب سندس 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال نيو ويو، جتي هو زندگي جي جنگ هارائي ويٺو، وارثن جو چوڻ آهي ته هو 15 ڏينهن اڳ روزگار جي تلاش ۾ ڪراچي ويل هو، ٿاڻو بولا خان پاڻ کي باهه ڏيندڙ نوجوان شادي شده هو، مئٽرڪ پاس هو، کيس 2 پٽ هڪ چئن سالن جو ۽ ٻيو ٻن سالن جو آهي، کيس 15 ڏينهن اڳ ڊاوو اسپتال ڪراچي ۾ صفائي ڪرڻ واري نوڪري معمولي پگهار تي ملي، جيڪا ڇڏي ڏنائين، چار مهينا اڳ سندس ڪراچي جي هڪ فري واري اسپتال ۾ گڙدي جو آپريشن ٿيو، هڪ گڙدو خراب هئڻ سبب ڪڍيو ويو، سندس والد 15 سال اڳ فوت ٿي ويو هو، والده ۽ وڏو ڀاءُ عرفان گڏ رهندا آهن، سندس ڀاءُ بولا خان ۾ ريڙهي تي ريزڪي سامان پائوڊر ۽ ڪريم وغيره کپائيندو آهي، اڪثر پريشان رهندو هو.