PrintClose

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) انڊيا ويندڙ انٽرنيشنل ٽرين ٿر ايڪسپريس جي ٽڪر سبب مستانو فوت. تفصيل موجب هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ هلندڙ انٽرنيشنل ٽرين ٿر ايڪسپريس انڊيا مسافر کڻي وڃڻ دوران ميرپورخاص شهر ويجهو جوڻيجو ڪوارٽر لڳ ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو ڪٽجي فوت، سندس سڃاڻپ جوڻيجو ڪوارٽر رهواسي مستاني بنگل لانگهاڻي ولد ڇٽو لانگهاڻي طور ٿي اطلاع تي پوليس پهچي فوتي مستاني جو لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ۾ آندو ۽ قانوني ڪارروائي بعد لاش سندس ڀاءٌ سجاول لانگهاڻي حوالي ڪيو ويو وارثن موجب فوتي جو ذهني توازن صحيح نه هو، جنهن ڪري ريل آڏو ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي، فوتي کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.