PrintClose
20-10-2017

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڄامشوري مان پ پ جي چونڊيل ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن سنڌ سميت پوري ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پ پ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي حيدرآباد ۾ ڪيل ڪامياب جلسي تي مبارڪباد پيش ڪئي، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ اسد سڪندر کي ڄامشوري مان وڏي ريلي ڪڍي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي تعريف ڪئي، ملاقات دوران شرجيل ميمڻ ۽ پ پ جا ٻيا سينيئر اڳواڻ به موجود هئا.