PrintClose

ٿاڻو بولا خان (ن سوڀ) ٿاڻو بولا خان جي ڳوٺ عبدالڪريم ٻرو جي ويجهو جبلن مان هڪ اڻڄاتل شخص جو لاش مليو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش 5 کان 6 ڏينهن پراڻو آهي، جنهن ڪري اهو سڃاڻپ ٿيڻ جهڙو نه رهيو آهي، جڏهن ته لاش کي تعلقي اسپتال ٿاڻو بولاخان مان ضروري ڪارروائي بعد ايڌي سينٽر حيدرآباد حوالي ڪيو ويو.