PrintClose

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر غلام اصغر چنا جي صدارت هيٺ بيبي آصفا ڊينٽل ڪاليج جي مسئلن جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف ٽيپو، رجسٽرار ڊاڪٽر افسر ڀٽو، پرنسپال ڊينٽل ڪاليج ڊاڪٽر محمد الياس شيخ، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ڪي داس، وائيس پرنسپال ڊاڪٽر قائم الدين شيخ، اي ايم ايس لاڙڪاڻو ڊاڪٽر احمد علي بروهي، ايگيزيڪيوٽو انجنيئر عبدالوحيد منگي، پرنسپال فارميسي پروفيسر عبدالروف خاصخيلي، ڊينٽل ڪاليج جي سموري فيڪلٽي ۽ شاگردن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ بريفنگ ڏيندي بيبي آصفا ڊينٽل ڪاليج جي ڊاڪٽر محمد الياس شيخ چيو ته اسانجي ليبارٽري جي گئس منقطع ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪري اتر سنڌ جي واحد ڊينٽل ليبارٽري غير فعال بڻيل آهي، هن ڪاليج کي چوديواري نه هجڻ جو پڻ ٻڌايو ته هنن نازڪ حالتن ۾ ڊينٽل ڪاليج غير محفوظ بڻيل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو سنڌ گورنمينٽ طرفان اسان کي دوائون ۽ گهربل تعاون نه پيو ملي ۽ ان حوالي سان ايم ايس لاڙڪاڻو اسان جي هڪ به نه ٿو ٻڌي، ان جي ڪري اسين او پي ڊي ڪاليج ۾ هلائي رهيا آهيون، جنهن لاءِ دوائن جي مد ۾ يونيورسٽي مدد فراهم ڪري ٿي جڏهن ته اهو ڪم اسپتال انتظاميا جو آهي. بريفنگ کانپوءِ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر غلام اصغر چنا، اي ڊي پي اسڪيم جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر عبدالوحيد منگي کان پڇاڻو ڪيو ته ڪاليج جي چوديواري ڇو ڪونه ٺهي سگهي آهي، جيڪا اسڪيم مطابق هن مهل تائين ٺهڻ کپندي هئي. جواب ۾ انجنيئر عبدالوحيد منگي گڏجاڻي کي ٻڌايو ته ڪجهه ٽيڪنيڪل سببن جي ڪري ٽينڊر نه ٿي سگهيو هو ۽ چوديواري ٽن مهينن اندر ٺهي ويندي، جنهن تي ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد عباس بلوچ کيس چيو ته ديوار هر حالت ۾ ٻن مهينن ۾ ٺهڻ گهرجي.