PrintClose

لاڙڪاڻو: پرنسپال چانڊڪا پروفيسر ڪي داس چانڊڪا جي رهائشي ڪالوني ۾ ناڪارا ڊرينيج جون دانهون ڪيون، ان جي جواب ۾ انجنيئر عبدالوحيد منگي ٻڌايو ته ڪالوني جي ڪجهه رهواسين طرفان مين ڊرينيج تي ناجائز قبضا ڪري اڏاوتون ڪيون ويون آهن، ان تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر غلام اصغر چنا، ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف ٽيپو، رجسٽرار ڊاڪٽر افسر ڀٽو ، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ڪي داس رهائشي ڪالوني نيو اسٽاف ڪالوني، اولڊ اسٽاف ۽ ٻين ڪالونين جو دورو ڪيو ۽ حڪم جاري ڪيو ته ٻن ڪلاڪن جي مختصر نوٽيس تي ڊرينيج سسٽم جي مٿان قائم ڪيل ناجائز اڏاوتون ڊاٿيون وڃن. آخري اطلاعن تائين ناجائز اڏاوتن کي ڊاهڻ جو ڪم شروع ٿي ويو، جيڪو ٽن ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ جو چيو ويو آهي، ٻي صورت ۾ ٽن ڏينهن کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف ٽيپو پنهنجي نگراني ۾ سموريون ناجائز اڏاوتون ڊهرائيندو. گڏجاڻي جي آخر ۾ پاڪستان جي ستر سالا سالگرهه جي حوالي سان ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ ملڪي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.