PrintClose

شڪارپور(رپورٽ:جاويد راهوجو)پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر شڪارپور جي دؤري تي پهتي، شيخ ڀائرن پاران ڏنل افطاري ۽ ڀيا هائوس تي چانهه جي دعوت ۾ شرڪت، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات، سياسي معاملن تي صلاح مشورا، خبر موجب:پ پ ايم اين اي ميڊم فريال ٽالپر شڪارپور جي سياسي دؤري تي پهتي، ان موقعي تي شڪاپور جي شيخ ڀائرن پ پ ايم پي اي امتياز احمد شيخ ۽ سردار مقبول شيخ پاران ڪندن هوٽل تي ڏنل افطار پارٽي ۾ شرڪت ڪرڻ بعد ڀيا هائوس شڪارپور تي پ پ اڳواڻ مير بابل ڀيو جي ڏنل چانھه پارٽي ۾ پڻ شرڪت ڪري پارٽي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي، جڏھن ته ذريعن پاران پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر شڪارپور جي پ پ اڳواڻن سان 2018ع جي عام چونڊن ۾ شڪارپور جي پي ايس 11 ۽ ڳڙھي ياسين واري سيٽن بابت پڻ صلاح مشورا ڪيا ويا، جڏھن ته شيخ ڀائرن پاران ڏنل افطار پارٽي ۾ گهرو وزير سهيل انور سيال، صوبائي وزير منظور وساڻ، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، پ پ ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي، پ پ ايم پي اي خورشيد جوڻيجو، لاڙڪاڻي جي ميئر اسلم شيخ، شڪارپور ڊسٽرڪٽ چيئرمين آغا مسيح الدين دراني، مير بابل ڀيو ۽ فراز شيخ سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، جڏھن ته فريال ٽالپر صحافين سان گفتگو ڪرڻ بنا ئي واپس رواني ٿي وئي هئي.