PrintClose

خيرپور(ڊ ر) روهڙي ۾ اهلڪارن پاران مبينا بدفعلي بعد قتل ڪيل نوجوان جا جوابدار گرفتار نه ٿيا،خيرپور ۾ ڌرڻو، ان سلسلي ۾ غلام شبير ، مظهر ابڙي، بخت علي، وحيد، سعيد ۽ غلام سرور جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هنن الزام هنيو ته 14 آگسٽ تي نوجوان امان الله ابڙي کي پوليس اهلڪارن عرفان شاهاڻي، قيوم، امجد شاهاڻي ۽ حفيظ کهڙي فون ڪري ڪوارٽر تي گهرايو، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اهلڪارن امان الله کي زهريلي شيءِ پياري بدفعلي ڪرڻ بعد تشدد ڪري فرار ٿي ويا، نوجوان پنهنجي چاچي کي فون ڪري صورتحال ٻڌائي، جنهن بعد چاچو زخمي حالت ۾ نوجوان کي نيو وارڊ پوليس چوڪي تي کڻي آيو، جتي هن پوليس کي پاڻ سان ٿيل واردات ۽ جوابدارن جا نالا ٻڌايا بعد ۾ نوجوان کي روهڙي اسپتال پهچايو ويو،حالت نه سڌرڻ تي سکر جي حرا اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي هو فوت ٿيو، هنن چيو ته لاش جو پوسٽ مارٽم پڻ ڪرايو پر پوليس بااثر اهلڪارن خلاف ڪيس داخل نٿي ڪري ۽ قتل کي خودڪشي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هنن چيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري سزا ڏياري وڃي.