PrintClose

جيڪب آباد (ڊ ر) ڪوئيٽا دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿي ويل جيڪب آباد واسي فوجي جوان رسول بخش بروهي جو مڙهه جيڪب آباد جي ڳڙهي سٻايو پاڙي ۾ پهچايو ويو، شهيد فوجي جوان رسول بخش بروهي جي جنازي نماز ۾ فوج جي اعليٰ عملدارن ۽ علائقي واسين توڙي چونڊيل نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، سندس مڙهه فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، فوجي عملدارن جو چوڻ هو ته اسان کي اهڙن جوانن تي فخر آهي، جيڪي پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ شهادتون ڏئي رهيا آهن، هوڏانهن علائقي جي چڱي مڙس پ پ اڳواڻ مير ياسين خان جکراڻي چيو ته شهيد فوجي جوان اسان جي پاڙي جو هو، اسان کي اهڙن جوانن تي فخر آهي، جيڪي قوم ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪري دهشتگردن سان وڙهي رهيا آهن.