PrintClose

جهول/رڪن ٻرڙا (نمائندن وٽان) پ پ جي اڳواڻي ايم پي اي الطاف رند جو پٽ ۽ ضلعي ڪائونسل سانگھڙ جي چيئرمين خادم حسين رند جو ننڍو ڀاءُ عابد حسين رند سوات ۾ گھمڻ دوران ساهه جي تڪليف ٿيڻ سبب 35 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، الطاف رند جي پٽ عابد حسين رند جي وفات جي خبر پوڻ تي ضلعي سانگھڙ جا پ پ اڳواڻ، ڪارڪن ۽ مختلف سماجي ماڻهو رڪن ٻرڙا لڳ ڳوٺ الطاف رند پهچي ويا، ٻئي طرف ضلعي ڪائونسل سانگھڙ جو چيئر مين خادم حسين رند پنهنجي ڀاءُ عابد حسين رند جي ميت کڻڻ لاءِ سوات لاءِ روانو ٿي ويو، ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته مرحوم عابد حسين رند جي جنازي نماز اڄ آچر جي ڏينهن شام جي وقت رڪن ٻرڙا لڳ اباڻي ڳوٺ الطاف رند ۾ ادا ڪئي ويندي.