PrintClose

هالاڻي (ن سوڀ) هالاڻي مان 6 ڏينهن اڳ رات جو گل هوٽل تان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران کنڀيل هوٽل مالڪ ۽ سماجي اڳواڻ در محمد سيال رات دير سان آزاد ٿي گھر پهچي ويو آهي، آزاد ٿي آيل سماجي اڳواڻ در محمد سيال جو صدمي ۾ فوت ٿيل سئوٽ جو تڏو هئڻ ڪري ميڊيا سان ڪو به رابطو ٿي نه سگهيو، جڏهن ته آزادي جي خبر پوڻ سان شهرين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.