PrintClose

ڪوٽڙي (ن سوڀ) ڪوٽڙي ڪي بي فيڊر لڳ ڍڳي فارم لنڪ روڊ تان 40 سالن جي عورت هيرا اوڏ روڊ ڪراس ڪندي تيز رفتار موٽرسائيڪل جي ٽڪر جي نتيجي ۾ هوءَ ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جنهن کي وارثن تعلقي اسپتال ڪوٽڙي پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،۔ لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،۔ جڏهن  ته موٽرسائيڪل سوار نوجوان ميرل کي سخت زخمي هئڻ ڪري تعلقي اسپتال کان سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.