PrintClose

ڪنڊيارو(ن سوڀ) ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ همائو ۾ ڳوٺ شهمير ديرو واسي رياض پٽ نواب چنا گهرو تڪرار تان پنهنجي 22 ورهين جي گهرواري رحيمان ڌيءُ حضور بخش ڀاڳت مٿان فائر ڪري کيس مرڻينگ حالت ۾ ڦٽو ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، جنهن کي ڪنڊيارو جي تعلقي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته رياض چنا ۽ رحيمان ڀاڳت 6 مهينا اڳ عدالت وسيلي پيار جو پرڻو ڪيو هو ۽ 3 مهينا اڳ پريميڪا ڪنهن ڳالهه تان کائنس ناراض ٿي پيڪن ۾ واپس اچي وئي هئي ۽ بعد ۾ عدالت وسيلي ئي طلاق ٿي هئي، جنهن جي باوجود هيءُ کيس زبردستي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو هو ۽ انڪار ڪرڻ تي مٿس فائر ڪري مرڻينگ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.