PrintClose

نئون ڪوٽ/جهڏو (نمائندن وٽان) نئون ڪوٽ ويجهو ٻه هفتا اڳ ڳوٺ فقير محمد ڪمبوهه مان ڪپري برادري جي هٿياربندن هٿان ونواهه مان زبردستي اغوا بعد قتل ٿيل نوجوان ناري جميعت ڌيءَ پريو ڪپري وارو مامرو، ڊي ايس پي مير آفتاب ٽالپر، ايس ايڇ او نئون ڪوٽ عرفان آگهيم مقتول ناري جي والد وٽ تڏي تي پهچي فاتح ڪئي ۽ ناري جي والد کي انصاف جو يقين ڏياريو، جڏهن ته آءِ جي سنڌ پاران مقرر ڪيل جاچ آفيسر ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ا قبا ل دارا اڃا تائين متاثر ڌر وٽ نه پهتو، ٻئي طرف ناري جي والد پريو ڪپري سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ نالي واري وڪيل ايڊووڪيٽ مير نعيم ٽالپر معرفت ڌيءَ جي بازيابي لاءِ داخل ڪرايل پٽيشن تي عدالت 24 آگسٽ تي ڊي ايس پي ايوب درس ۽ جاچ آفيسر نئون ڪوٽ ايس آءِ افضل جٽ کي طلب ڪيو، ان سلسلي ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندڙ ايڊووڪيٽ مير نعيم ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فريادي ڌر جا 162 تي بيان ڪرائينداسين، متاثرين سان وڏو ظلم ٿيو آهي اسان ڀرپور قانوني مدد ڪنداسين، ٻئي طرف ناري جي والد وٽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين تڏي تي پهچي فاتح ڪئي ۽ ڏک ونڊيو، ناري جي والد پريو ڪپري تڏي تي پهتل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ظالمن مون سان وڏو ظلم ڪيو آهي، منهنجي نياڻي جي قتل جو ذميوار جاچ آفيسر اي ايس آءِ افضل جٽ آهي، جڏهن ته ڊي ايس پي جهڏو ايوب درس نياڻي جي بازيابي جون ڪوششون وٺي رهيو هو پر جاچ آفيسر افضل جٽ اسان مائٽن ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي مسلسل آسري ۾ رکيو ۽ ڪيس کي ڪمائي جو ذريعو بڻايو، هن چيو ته جوابدارن کي پناهه ڏيندڙ بدنام ڏوهاري جنهن منهنجي ڌيءَ جي لاش هٿ اچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ فون ڪري چيو ته توهان ڀلي ڪورٽن ۾ وڃو، توهان کي ناري نه ملندي، ان جو لاش ملندو، جيڪو اسان کي مليو ۽ هاڻ هو اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته منهنجو نالو توهان کنيو ته توهان جو آئون نالو نشان ختم ڪري ڇڏيندس، اسان عدم تحفظ جو شڪار آهيون، ڏوهاري اسان کي نقصان رسائي سگهن ٿا، آءِ جي سنڌ اسان سان انصاف ڪري تحفظ ڏئي، جڏهن ته معلوم ٿيو آهي ته ڪيس ۾ روپوش ٿيل جوابدار عزيز ۽ گل حسن ڪپري گهر خالي ڪري نامعلوم هنڌ هليا ويا آهن جيڪي اڃا گرفتار ٿي نه سگهيا آهن، هوڏانهن ڊي ايس پي جهڏو جي بحالي لاءِ شهرين جو احتجاجي مظاهرو، جهڏو جي شهرين محبوب لغاري، صديق ڪنڀار، پوڙهو دلواڻي، مجيد راهمون، قاسم مغيري، اختر حنيف، عمران کوسو، ساجد کوسو، عبدالرحمان جروار ۽ ٻين وڏي انگ ۾ گڏجي پراڻي نيشنل بئنڪ چوڪ تي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن چيو ته ڊي ايس پي ايوب درس جهڏو لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيو هو ۽ ان جي وقت کان جهڏو شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي، شهر مان منشيات جو خاتمو ٿيو ۽ ڏوهه گهٽ ٿيا.