PrintClose

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان ڪرپشن، مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف اڄ آچر ڏهاڙي ڪراچي ۾ سنڌ مارچ ڪيو ويندو، جنهن جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. گادي واري شهر ڪراچي ۾ نمائش چورنگي، جوهر ڪامپليڪس، ملير ۽ ٻين علائقن سميت گهگهر ڦاٽڪ وٽ استقباليا ڪئمپون لڳايون ويون آهن. ڪئمپن جو پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه، سينيئر نائب صدر سيد زين شاهه، اعجاز سامٽيي، جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙي، ادريس چانڊيي، ڊاڪٽر مشتاق شيخ ۽ ٻين اڳواڻن دورو ڪيو. استقباليا ڪئمپن کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪرپشن، مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي سنڌ جي امن پسند روايتن تي وار آهن، جنهن سبب سنڌ معاشي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيندي پئي وڃي. سنڌ مارچ ۾ سڄي صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪارڪن ۽ همدرد وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي اهو ثابت ڪندا ته سنڌي ايماندار، روادار ۽ امن پسند قوم آهن، ٻئي طرف ڄامشوري ۾ ايس يو پي جي ترجمان موجب ريلي ۾ شرڪت لاءِ ڄامشوري ضلعي مان 100 کان وڌيڪ گاڏين جو قافلو روانو ٿيندو.